Awami Awaz

اين اي 250 تي تحريڪ انصاف ڪامياب، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ هنگاما، فائرنگ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر+ م ڊ) ڪراچي جي تڪ اين اي 250 ۽ پي ايس 113-112 جي 43 پولنگ اسٽيشنن تي فوج، پوليس ۽ رينجرز جي سخت پهري هيٺ ٿيل ٻيهر چونڊن ۾ خوف واري صورتحال  سبب اڪثر ووٽر گهرن مان نه نڪري سگهيا، ابتدائي نتيجن مطابق تحريڪ انصاف جي اميدوارن 43 پولنگن جي چونڊ ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن ته زهره حسين جي قتل ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين خلاف اڄ تحريڪ انصاف احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. 11 مئي تي تڪ جي اڪثر پولنگن تي لڳل سوين ماڻهن جي قطارن جي ابتڙ ڪالهه ڪا به رش نظر نه آئي ۽ عملو واندو ويٺل نظر آيو. ڪالهه ڪراچي جي تڪ اين اي 250 جي 43 پولنگن تي اليڪشن ڪميشن پاران 48 هزار 4 سئو 22 مردن ۽ 37 هزار 8 سئو 74 عورتن لاءِ 166 پولنگ بوٿ قائم ڪري ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن دوران تڪ جي عائشه باواني، باٿائي لينڊ، صدر، ڪلفٽن، قيوم آباد، شاهراهه فيصل، ڪنٽومينٽ سميت اڪثر پولنگن تي ايم ڪيو ايم پاران بائيڪاٽ جي اعلان ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر زهريٰ شاهد جي مارجي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ ووٽر خوف وچان پنهنجي گهرن مان ئي نه نڪتا ۽ ڪيتريون پولنگ اسٽيشنون اهڙيون به هيون جن تي سڄي ڏينهن ۾ صرف 10 ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهيا، باقي پولنگن تي پڻ ووٽرن جي ايتري رش ڏسڻ ۾ نه آئي، جيتري رش 11 مئي واري ڏينهن تي ڏٺي وئي هئي. چيف سيڪريٽري سنڌ اعجاز چوڌري پڻ ڊفينس جي فيز 8 واري پولنگ تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي چونڊ صرف انهن پولنگن تي ٿي رهي آهي، جن تي 11 مئي واري ڏينهن پولنگ نه ٿي سگهي هئي، سندس چوڻ هو ته هو سيڪيورٽي انتظامن کان سئو سيڪڙو مطمئن آهي. هوڏانهن بلوچستان مان گهرايل 83 آفيسرن پرزائيڊنگ آفيسرن جا فرائض سرانجام ڏنا. پولنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي  عائشه ڀواني ڪاليج واري پولنگ تي 4 پولنگ هيون. 100، 99، 98، 97 تي عارف علوي 27 ووٽ کنيا آهن، نعمت الله خان 2 ووٽ کنيا آهن. سليم هڪ ووٽ، ثمر علي 5 ووٽ کنيا، سڀ کان گهٽ ووٽ عائشه ڀواني ڪاليج جي پولنگ اسٽيشنز تي پيا آهن.اين اي 250 جي 40 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي اميدوار عارف علوي 14177 ووٽ کڻي پهرين پوزيشن ماڻي آهي جڏهن ته جماعت اسلامي جي نعمت الله خان کي 446 ووٽ مليا. پي ايس 112 جي 7 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان کي 2581 ۽ اي اين پي جي خالد اقبال کي 177 ووٽ ۽ پي ايس 113 جي 20 پولنگ اسٽيشنن تان تحريڪ انصاف جي ثمر علي کي 5860 ۽ ن ليگ جي سليم ضيا کي 2165 ووٽ مليا آهن. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جو عارف علوي مجموعي طور تي 65 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري اين اي 250 تي ڪاميابي حاصل ڪري ويو آهي جڏهن ته متحده جي خوش بخت شجاعت کي 45 هزار ووٽ مليا آهن. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان زهريٰ شاهد حسين جي قتل جو ذميوار ايم ڪيو ايم جي قائد ۽ برطانوي حڪومت کي قرار ڏيندي اڄ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو ته جڏهن الطاف حسين پهريون ڀيرو ڌمڪيون ڏنيون ته مون برطانوي هاءِ ڪمشنر ايڊم ٿامسن کي دانهن ڏيندي چيو ته ڪارروائي ڪري نفرت پکڙجڻ کان روڪيو، پر ايئن نه ڪيو ويو. هن چيو ته زهريٰ حسين جو قتل انتها ئي ظلم آهي. اها ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، ان کي ڦرلٽ جو ڪيس بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ڦرلٽ ڪندڙ ڦر ڪندا پر ڪنڌ ۾ گولي نه هڻندا. زهريٰ جي قرباني ضايع نه ويندي. ان قتل جو ذميوار الطاف حسين آهي. ڪجهه به ٿئي آئون ان تي بيٺو آهيان. هن تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏنيون هيون. اسين ان جو ذميوار برطانيا جي حڪومت کي به ذميوار سمجهون ٿا. هن چيو ته سومر جي ڏينهن ان واقعي خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. شهر ۾ ظلم جي مخالفت ڪندڙ سڀ ماڻهو اسان جو ساٿ ڏين. اسان ٻاهر نڪتا آهيون پوئتي نه هٽنداسون. مون کي ڊاڪٽر جيئن ئي اجازت ڏني ته ڪراچي ايندس. اسان کي چاهي جيتريون به ڌمڪيون ڏنيون وڃن، پر ڄميو بيٺو رهندس. هن چيو ته برطانيا جو شهري الطاف حسين خطاب ڪري ڪراچي ۾ هنگاما ڪرائيندو آهي، ڇا برطانيا جي حڪومت اسان کي اجازت ڏيندي ته پاڪستان ۾ ويهي برطانيا ۾ حالتون خراب ڪرايون. هنگامن جو بنياد الطاف حسين جون 15 مئي کان اڳ واريون تقريرون آهن.  تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ڪراچي واقعي ۾ قتل ٿي ويل پي ٽي آءِ اڳواڻ زهرا شاهد جي قتل جو متحده قائد الطاف حسين کي زميوار قرار ڏيڻ واري  بيان جي رد عمل ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گهرن ۽ گاڏين تي حملا ڪري نقصان پهچايو، هڙتال ڪاروبار، ٽرانسپورٽ بند، پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشن به بند رهيا. مڇريل ڪارڪنن پاران روڊن تي ٽائرن کي باهيون، ڪراچي کان لاهور ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس تي فائرنگ، تحريڪ انصاف جي اميدوار ا عثمان ڪينيڊي ۽ ضلعي صدر ڊاڪٽر مستنصر باالله جي گهرن تي هٿيار بندن جو حملو فائرنگ دوران عثمان ڪينيڊي جي ڪار کي گوليون هڻي باهه ڏني وئي، مڇريل ماڻهن پاران 4 گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. مليل اطلاعن موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زهرا شاهد جي قتل جو متحده قائد الطاف حسين کي ملوث قرار ڏيڻ واري بيان جي رد عمل ۾ حيدرآباد شهر جي تعلقي لطيف آباد، حيدرآباد سٽي، ڦليلي فقير جو پڙ، مارڪيٽ ٽاور، هيرآباد، پٺاڻ ڪالوني، اسٽيشن روڊ گاڏي کاتو، تلڪ چاڙهي، ريشم گهٽي، لطيف آباد جا سمورا علائقا بند رهيا. جڏهن ته صبح سوير ئي نامعلوماڻهن پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري خوف حراس ڦهلايو ويو، جڳهه جڳهه تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊن تي رڪاوٽون رکي ڇڏيون. جنهن سبب صبح سوير کان ئي حيدرآباد کان سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏيون هلي نه سگهيون. جڏهن ته شهر اندر لوڪل ٽرانسپورٽ به بند ٿي وئي شهري پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا. نامعلوم مڇريل ماڻهن ڦليلي ڦاٽڪ وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ٽرين پاڪستان ايڪسپريس تي پٿراءُ ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ريل گاڏي جو ڊائيور  طاهر اقبال زخمي ٿي پيو جنهن کي موقعي تي طبعي امداد ڏني وئي. جنهن بعد ٽرين کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. جڏهن ته مڇريل ماڻهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ چونڊن ۾ اميدوار عثمان ڪينڊي جي هيرآباد واري گهر  تي فائرنگ ڪري ڏني جڏهن ته گهر ٻاهران بيٺل سندس ڪار کي ڳوليون هڻي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ حد جي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران عثمان ڪينيڊي کي ٻارن بچن سميت محفوظ طريقي سان ڪڍي محفوظ مقام تي منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هٿيار بندن تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر  مستنصر بالله جي گهر تي به فائرنگ ڪري ڏني ۽ ڪار جا شيشا ٽوڙي گوليون هنيون ويون ۽ گهر جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف حراس ڦهلجي ويو. پڪي قلعي آڏو هڪ وين کي ساڙيو ويو. پريٽ آباد ۽ پڃرا پل وٽ ٻن گاڏين کي  باهيون ڏئي ساڙيو ويو. جڏهن ته صبح کان رات تائين ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار هئي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي  ڪارڪنن پاران تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان طرفان جاري ڪيل بيان خلاف متحده حيدرآباد زون جي انچارج محمد شريف، وسيم خان، صابر قائمخاني جي اڳواڻي ۾ زونل آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري عمران خان جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي عمران خان خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. هنن عمران خان کان مطالبو ڪيو ته الطاف حسين بابت ڏنل بيان واپس وٺي ٻئي صورت ۾ متحده جي ڪارڪنن جي رد عمل کي روڪي نه سگهبو. ڪالهه سڄو ڏينهن حيدرآباد جي مختلف علائقن کان متحده جي ڪارڪنن پاران ٽولن جي صورت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا. ميرپورخاص ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن تحريڪ انصاف جي اميدوار عرفان محبوب جيلاني جي رهائش گاهه تي  فائرنگ ڪئي ۽ عمران خان جا فوٽو ڦاڙي ڇڏيا. اطلاع تي پوليس پهچي جائزو ورتو. بعد ۾ شهر جو ڪاروبار مڪمل طور بند ڪيو ويو ۽  ڏهڪاءُ پکڙيل رهيو.

قوم پرستن جي مخالفت سبب جي يو آءِ بلوچستان حڪومت کان ٻاهر، بلوچن کي قومي ڌارا ۾ آڻينداسين: شهباز شريف
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ، نيشنل پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته قومپرستن جي مخالفت سبب جي يو آءِ بلوچستان سرڪار مان آئوٽ ٿي وئي آهي،  گذريل ڏينهن شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ محمود اچڪزئي سان ملاقات ڪئي، ان ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ بلوچستان حڪومت ٺاهڻ تي به ڳالهه ٻول ڪئي وئي، ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته محمود خان اچڪزئي بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، شهباز شريف نواز ليگ بلوچستان جي صدر سردار ثناءُ الله زهري سان به ملاقات ڪئي، هن سندس پٽ ۽ ڀاءُ جي مارجي وڃڻ تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي حڪومت سازي بابت به ڳالهيون ڪيون ويون، ان کان پوءِ نواز ليگ جي گڏجاڻي به ٿي جنهن جي شهباز شريف صدارت ڪئي، شهباز شريف چيو ته بلوچن کي قومي ڌارا ۾ آندو ويندو. مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر ميان شهباز شريف چيو ته بلوچستان ۾ قائد ايوان جو فيصلو اتحادي پارٽين جي مشاورت سان ڪيو ويندو. بلوچستان جي ڪابينه مختصر هوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، نيشنل پارٽي ۽ پختونخواه ملي عوامي پارٽي گڏجي حڪومت ٺاهينديون. ان معاملي تي نيشنل پارٽي ۽ پختون خواه ملي پارٽيءَ سان تفصيلي طور ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ ايندڙ ڪابينه مختصر هوندي ۽ قائد ايوان سميت ڪابينه جو معاملو مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سٺي ٽيم ميدان ۾ لاهيون ته جيئن عوام کي ماضيءَ ۾ مليل ڏکن جو ازالو ٿي سگهي، بهتر حڪمراني وسيلي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته لوڊ شيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ويندو ۽ ڪرپشن جو خاتمو آندو ويندو. هاڻي فنڊن جي غلط ورڇ نه ٿيندي. هوڏانهن نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر سينيٽر حاصل خان بزنجو چيو ته 1970ع کان بلوچستان حڪومت جو حصو رهندڙ جي يو آءِ کي هاڻ مخالف ڌر جو مزو چکڻ گهرجي، حاصل بزنجي چيو ته اختر مينگل کي وڏو وزير بڻائڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي، پشتونخوا ميپ، نيسنل پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ وڏ وزارت تي غور نه ڪيو ويو آهي، باقي ڪوشش هوندي ته ٽئي گڏجي حڪومت ڪيون.

زهره شاهد مٽي ماءُ حوالي، شهر ۾ ڏهڪاءُ، فائرنگ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊفينس فيز 4 ۾ پنهنجي گهر ٻاهران هٿياربندن هٿان قتل ٿيل تحريڪ انصاف  جي عورت ونگ سنڌ جي نائب صدر زهره حسين کي اڄ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ڊفينس سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جتي شهر جي معزز شخصيت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس ڊفينس فور جي قبرستان ۾ مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر زهره شاهد حسين جي قتل کان پوءِ ڪراچي شهر م سخت خوف پکڙيل هو ۽ اڻ اعلانيل هڙتال سبب شهر مڪمل طور تي بند رهيو. ڊفينس، ڪلفٽن، هجرت ڪالوني، دهلي ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ خوف پکڙيل رهيو، ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا. پوليس ۽ رينجرز علائقن ۾ گشت ڪندي رهي. امن امان تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز سخت چيڪنگ به ڪئي، سرڪاري  پرڏيهي توڙي وڏن هوٽلن تي پڻ سخت حفاظتي بندوبست ڪيا ويا.

لنڊن ۾ متحده قائد خلاف مظاهرو، وزيراعظم پاڻ ٻاهر اچي تفصيل ورتا
لنڊن (عوامي آواز) آچر ڏينهن سڄي انگلستان مان اٽڪل هڪ هزار پاڪستانين برطانيه جي وزيراعظم جي آفيس 10 ڊائوننگ اسٽريٽ وٽ پاڪستاني وقت موجب رات جو اٺين وڳي کان يارهين وڳي تائين مظاهري جو انتظام ڪيو. ان مظاهري  ۾ سڄي انگلينڊ جي وڏن شهرن مان ماڻهو گڏ ٿيا هيا.  احتجاجي جلسي جي مظاهرين جو خيال آهي ته برطانيه سرڪار پنهنجي شهري ( الطاف حسين) کي انهن سمورين ڪاررواين کان روڪي ، ڇوته، سندس ٽيليفون ڪاررواين جي ڪري پاڪستان ۾ تمام گهڻو نقصان پهچي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به احتجاجي مطاهري ۾ گڏ ٿيندڙ انگلينڊ ۾ هڪ هزار ماڻهو پاڪستان جي لکين ماڻهن جي برابر هوندا آهن. عمران خان جو خيال آهي ته جيئن ته متحده سربراهه الطاف حسين هاڻي انگلينڊ جو شهري آهي تنهن ڪري ڪراچي ۾ ٿيل قتل ۾ پڻ انگلينڊ کي پنهنجو ايڪشن وٺڻ گهرجي“  ياد رهي ته متحده اڳواڻ الطاف حسين پاران چونڊن جي نتيجي تي تبصري ۾ چيو هيو ته ” جي اسٽيبلشمينٽ کي اسان جو مئنڊيٽ قبول ناهي ته پوءِ ڪراچي کي پاڪستان کان ڌار ڪيو وڃي“ ان بيان کانپوءِ سڄي ملڪ مان لنڊن ميٽروپوليٽن ڏانهن احتجاجي فون ڪيا ويا هيا. لنڊن پوليس کي الطاف حسين خلاف رڳو 24 ڪلاڪن ۾  12 هزار شڪايتون ٽيليفون وسيلي مليون ۽ ان  کانپوءِ لنڊن پوليس عوام کي وڌيڪ شڪايتون نه موڪلڻ جي اپيل ڪرڻي پئجي ويئي هئي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان متحده پاران ڪراچي شهر کي خوف ۾ رکڻ خلاف انهن مظاهرن جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي احتجاج جو نوٽيس ورتو. هو احتجاج جو ٻڌي ٻاهر نڪري آيو ۽ پنجن منٽن تائين احتجاج ڪندڙن کي ڏسندو رهيو. هن احتجاج ڪندڙن جي مطالبن بابت پنهنجي اسٽاف کان پڇا ڳاڇا به ڪئي.

الطاف حسين جي گرفتاري جا افواهه، برطانوي پوليس ترديد ڪري ڇڏي
ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) برطانيا جي پارلياماني ميمبر، اديب ۽ صحافي جاريه گيلووي الطاف حسين خلاف قانوني قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته برطانوي پوليس ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي گرفتاري وارا اطلاع رد ڪري  ڇڏيا آهن. جيو نيوز جي رپورٽ موجب لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سان واڳيل هڪ شخص بابت ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن. هڪ بيان ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان سوشل ميڊيا تي هلندڙ انهن رپورٽن کان آگاهه آهيون ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر ان ۾ ڪابه سچائي نه آهي. بيان موجب اسان جاچ جي ابتدائي مرحلي ۾ آهيون ۽ فراهم ڪيل معلومات جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ٻئي طرف برطانيا جي صحافي دانشور ۽ پارليامينٽ ميمبر جاريه گيلووي چيو آهي ته جيڪڏهن برطانيا جي حڪومت الطاف حسين خلاف قدم نه کنيو ته آئون نجي طور قانوني قدم وٺنديس.

عمران خلاف پرامن مظاهرن جو اعلان، زهره حسين جا ٽڪيٽ تي اختلاف هئا: ايم ڪيو ايم
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 250 جي 43 پولنگن تي ڪرايل جهرلو چونڊن کي ايم ڪيو ايم نه ٿي مڃي ۽ اڄوڪي چونڊ جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. اڄوڪي اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ 10 فيصد کان ڪجهه وڌيڪ رهيو، گهٽ ٽرن آئوٽ مان ثابت ٿيو ته عوام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي ووٽرن گهرن مان نه نڪري الطاف حسين سان محبت جو ثبوت ڏنو، متحده تحريڪ انصاف جي تحريڪ خلاف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ به پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نائن زيرو تي سڏايل هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فاروق ستار چيو ته اسان زهره شاهد جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا پر عمران خان زهره شاهد جي چند منٽن بعد ئي قتل جو الزام الطاف حسين تي لڳائي الطاف حسين جي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪروڙين ڪارڪنن جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي. هن چيو ته هن کان پهرين عام چونڊن جي چونڊ مهم دوران عمران خان طالبان ذريعي متحده تي دهشتگرد حملا ڪرايا، سندس چوڻ هو ته پوري ڪراچي ۾ چونڊن جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪالهه لياري جي ڪڇ هنڱورا آباد ۾ بيگناهه عوام جو قتل عام ڪيو ويو آهي، پر ان تي ڪنهن به پارٽي جو مذمتي بيان نه آيو آهي. هن چيو ته ڪو نفرت ڪندو ته ان کي جواب ۾ به نفرت ئي ملندي، پر اسان نفرت جو جواب نفرت سان نه ڏينداسين. هن چيو ته اين اي 250 تي ٽرن آئوٽ بلوچستان کانپوءِ سڀ کان گهٽ رهيو آهي. ان لاءِ سڄي تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو. هن چيو ته اسان کي ذريعن ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن پهرين اين اي 250 جي سڄي تڪ تي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، پر بعد ۾ ان کي بدلايو ويو ۽ 43 پولنگن مان به 5 هزار ووٽ ڪڍيا ويا. اهو سٺو عمل ناهي، اهو بار ايندڙ جمهوريت تي پوندو پوءِ چاهي اها جيتري به وقت لاءِ آئي هجي. هن چيو ته اڃا جاچ مڪمل نه ٿي آهي ته زهره حسين جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ آهي يا وري اسٽريٽ ڪرائيم جو معاملو آهي. هن چيو ته زهره حسين کي پي ايس 112 جي ٽڪيٽ ورهائڻ تي اختلاف هئا ان معاملي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

نائن زيرو ۾ الطاف جي خطاب دوران بدنظمي، ڪارڪنن رابطا ڪميٽي کي يرغمال بڻايو: ميڊيا
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر+نيوز ڊيسڪ) ڇنڇر ۽ آچر جي رات نائن زيرو تي الطاف حسين جي خطاب دروان بدنظمي بابت ڄاڻ ملي آهي ته متحده ڪارڪنن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان هاٿاپائي ڪندي هڪ ڪلاڪ تائين کين يرغمال بڻايو هو. ان سلسلي  ۾ ڪامران خان جو چوڻ آهي ته الطاف حسين رابطا ڪيمٽي جي ميمبرن جي خاموشي تي روئيندي ڏک جو اظهار ڪيو. هنگامي پريس ڪانفرنس دوران پيش آيل واقعي کي ڪجهه چئنلن پاران بدنظمي قرار ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران ٿيل بدنظمي ۾ ڪارڪن مڇرجي پيا. ان کانپوءِ متحده سربراهه الطاف حسين پاران جاري ڪيل ڪجهه بيان ۾ چئلن تي هلندڙ ٽڪر ٻڌائين ٿا ته نائين زيرو تي ٿيل هنگامي پريس ڪانفرنس پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ انتهائي اعبار جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته عمران خان پاران الطاف حسين خلاف آيل بيان تي متحده سربراهه رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن تي انتهائي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته هڪ هٿ ٺوڪي ۽ مڪاري پارٽي اڳواڻ جي آيل بيان تي منهنجا ڪارڪن نائن زيرو پهچي ويا آهن پر رابطا ڪميٽي ڪو خاص ردعمل ظاهر نه ڪري سگهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده سربراهه جي اهڙي ردعمل کانپوءِ اتي موجود پارٽي ڪارڪن رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن تي ڪڙڪي پيا ۽ معاملو مارڪٽ تائين وڃي پهتو. واقعن کي رڪارڊ ڪرڻ تي صحافين ۽ ڪئميرامينن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان کانپوءِ ڪالهه منجهند ڌاري متحده سربراهه پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويو هو ته رابطا پارٽي ڊسيپلين ٽوڙڻ تي ڪارڪن لکت ۾ معافي وٺن. ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده سربراهه اهو به چيو ته مون کي لفظن جي مشين سمجهيو پيو وڃي، منهنجي نالي تي هروڀرو مذمتي بيان جاري ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب رابطا ڪيمٽي پاران تحريڪ انصاف واري مامري تي مضبوط رد عمل نه ڏيکارڻ هن سڄي مامري جو بنياد بڻيو.

لياريءَ ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي، ماڙي پور روڊ تي ڪڇين جو ڌرڻو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري جي ڪڇي آبادي هنڱورا آباد ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه به هٿياربندن فائرنگ ڪري وڌيڪ 5 ڄڻن کي قتل ۽ 10 ماڻهن کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. واقعي خلاف ڪڇي رابطا ڪميٽي ماڙيپور روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي آهي. لياري جي علائقي نيو ڪلري، آگرا تاج، بهار ڪالوني، منڌرا آباد، هنڱورا آباد، نوراني مسجد روڊ سميت مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان هٿياربند گروپن وچ ۾ هلندڙ ويڙهه جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪالهه وڌيڪ 5 ماڻهو گولين جو کاڄ ٿي ويا آهن. هٿياربندن هٿان قتل ٿيلن ۾ غلام مصطفيٰ ولد عبدالرحمان ڪڇي، صالح محمد ولد هاشم ڪڇي، رمضان قريشي، ڪاشف ۽ حسين ڪڇي شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 10 سالن جي افشان بيبي، سليمان، علي محمد، شاهه جهان، عبدالڪريم، عمر، عثمان، ابراهيم ۽ عرفان جا نالا ٻڌايا پيا وڃن. ڪالهه کان هلندڙ ڇڪتاڻ سبب لياري جي ڄاڻايل علائقن ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانيل آهي ۽ ڪاروبار بند آهي، جڏهن ته واقعي خلاف مارجي ويلن ۽ زخمين جي وارثن ۽ ڪڇي رابطا ڪميٽي جي ڪارڪنن ماڙيپور روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج طور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جتي ڪڇي رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته امن ڪميٽي پاران جديد هٿيارن سان حملو ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان بيگناهه شهرين کي مارڻ جو سلسلو جاري آهي، پر هن وقت تائين رينجرز ۽ فوج توڙي پوليس نه پهتي آهي. اڳواڻن چيو ته ڇڪتاڻ سبب علائقا ويران آهن ۽ گهرن ۾ ماتم برپا آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ڳوليا نه ٿا لڀن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گينگ وار گروپ کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن پڻ آگرا تاج ۽ هنڱورا آباد ۾ 4 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا هئا.

جسمم طرفان قادر مگسي، جلال شاهه، صنعان قريشي، آريسر ۽ ٻين اڳواڻن کي هڪ پارٽي جوڙڻ جو سڏ
سانگهڙ (پ ر) پنهنجي ايندڙ نسلن ۽ پيڙهين کي آزاد، پاڻ ڀري، باوقار ۽ خوشحال سنڌ ڏيڻ لاءِ تاريخي درد ۽ پيڙاءَ کي محسوس ڪندي سنڌ کي هڪ گڏيل مضبوط ۽ سگھاري قوم پرست قومي پارٽي ڏيڻ جي ضرورت کي تاريخ جي گھرج سمجهان ٿو. سيد جي فڪري رهبري ۽ سياسي اصولن کي تسليم نه ڪنداسين ته ننڌڻڪا لاوارث ۽ فنا جي اونداهي کاهي طرف ڌڪجي وينداسين ۽ اسان جو قومي وجود ۽ وطني تشخص نيست ۽ نابود ٿي ويندو. منتشر قومي شعور، تنظيمي سگھه ۽ ارادن سان اسان تاريخ جي جائز گُهر جو پورائو نٿا ڪري سگھون. مان سنڌ جي تاريخي درد، پيڙاءُ، قوم ۽ وطن کي لاحق خطرن کي محسوس ڪندي ذاتي طرح جسقم چيئرمين صنعان قريشي، جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر، جست صدر ڊاڪٽر صفدر سرڪي، جسم اڳواڻ سرور سهتو، رياض چانڊيو، سنڌ نيشنل موومنٽ جي علي حسن چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي اڳواڻ جلال شاهه ۽ زين شاهه، بيريسٽر ضمير گھمرو ۽ ٻين کي اپيل ٿو ڪيان ته اچو ته سيد جي فڪري رهبريءَ کي سياسي طرح قبول ڪندڙ هڪ قوم پرست قومي پارٽي سنڌ کي ڏيون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن، پيڙهين ۽ ٻچن کي آزاد، پاڻ ڀري ۽ باوقار سنڌ اڏي ڏيون. اهڙي خيالن جو اظهار جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت پنهنجي جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي شخصي انائن، فردي مرضين ۽ منشا کي پرڀرو ڪري قومي بقا ۽ وطني تشخص جي سلامتي لاءِ هڪ سگھاري پارٽي، پليٽفارم ۽ آواز کي منظم ڪري قومي فتحن کي يقيني بڻائي وڃون. هن وڌيڪ چيو ته آئون اهو انتهائي اعتماد ۽ يقين سان چوان ٿو ۽ واضع ڪيان ٿو ته اسان مان هر هڪ باشعور، باضمير سنڌي پوءِ اهو سياسي اڳواڻ هجي، ڪارڪن هجي، اديب هجي يا صحافي، جڏهن به سنڌ جي سياسي موجوده صورتحال جي ڳوڙهي ۽ گھري تفصيل ۾ ويندو ته کيس هڪ ئي نتيجو سامهون نظر ايندو ته سنڌ پنجاب جي بيٺڪيت ۽ مڪمل طرح غلام آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن اسان سمورن جي جدا جدا تفصيلن جو نچوڙ سنڌ جي قومي غلاميءَ جي صورت ۾ محسوس ٿو ٿئي ته پوءِ انهن تفصيلن جي نتيجن کي هڪ ڪري تسليم ڪرڻ ۽ آزادي، عزت، وقار، خوشحالي، قوم ۽ وطن جي سلامتي لاءِ مشترڪه هڪ قومي پارٽي ٺاهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه هجڻ گھرجي. هن چيو ته آئون هن بيان جي ذريعي سمورن باشعور قومي ڪارڪنن، صحافين، سول سوسائٽي جي سرگرم دوستن، اديبن، دانشورن کي پڻ گذارش ٿو ڪريان ته اهي پڻ سنڌ جي تاريخي قومي فرض جي پوراءَ لاءِ هڪ قوم پرست قومي پارٽي ٺاهڻ لاءِ سياسي، اخلاقي عملي ماحول تيار ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ جسمم طرفان حيدرآباد واري سياسي جلسي ۾ سمورن سياسي پارٽين جي اڳواڻ، اديبن، دانشورن شاعرن ۽ باشعور قومي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي ذميوار دوستن کي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ جسمم سينئر وائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ، ڊاڪٽر زين ڀٽو، سجاد شر، شبير ملاح، افضل پنهور، ذوالفقار جمالي، حفيظ پيرزادي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪاميٽي سنڌ دوست سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن، سول سوسائٽي جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندي ۽ جسمم جي رٿيل جلسي جي ڪاميابي لاءِ ڪوششون وٺندي.

سنڌين متبادل کان گهٽ خراب هئڻ ڪري پ پ کي ووٽ ڏنا: عوامي جمهوري پارٽي
حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جي سينيئر نائب صدر وشنومل پارٽي جي ٻين اڳواڻن ابرار قاضي، نور نبي راهوجو ۽ سعيده گوپانگ سان گڏ ڪالهه حيدرآباد ۾ قائم پنهنجي پارٽي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کين ان لاءِ ووٽ نه ڏنا هئا ته سندن پاليسين ۽ حڪمراني جي سنڌ جا ماڻهو تائيد ڪن ٿا، پر کين ان لاءِ ووٽ ڏنو ويو ته سنڌ ۾ ڪو ٻيو متبادل موجود نه هو. هن چيو ته حقيقت ۾ سنڌ جا ماڻهو تمام سمجهو ۽ عقلمند آهن، هنن اهڙي پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا آهن، جيڪا متبادل جي مقابلي ۾ گهٽ خراب نظر آئي، پر ائين هميشه نه رهندو، جيڪڏهن پ پ هن دفعي به نه سڌري ته اڳين دفعي سنڌ مان به پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ هاڻ ٺهندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت به سندن اڳين حڪومت جيان فضول ۽ بي اثر حڪومت هوندي ۽ ايتري ڪرپشن ۾ رڌل هوندي، جهڙي هنن پوئين حڪومت ۾ ڪئي، ڇو ته سنڌ جي ماڻهن سندن تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن پ پ جي هٿان سڀ کان گهڻا ڏک ڏٺا آهن، ڪرپٽ وزيرن ۽ نااهل حڪومت جي 5 سالن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هر شعبي ۾ پوئتي ٿيندي ڏٺو ويو، سنڌ جا وڏا شهر خاص طور تي ڪراچي مذهبي، لساني ۽ فرقيواريت هيٺ رهيو آهي، ان دوران پ پ جي اتحادي پارٽي پاران ڪيل سياسي قتل پ پ جي پوئين حڪومت جي خاص سڃاڻپ رهي. هن چيو ته صحت پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون سنڌ جي ماڻهن کان کسيون ويون، پر سڀ کان وڌيڪ ڏک واري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي تعليم بهتر ٿيڻ بدران آخري ڏاڪي کان به هيٺ ڪري چڪي آهي. هن ايندڙ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي، سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم جي بهتريءَ لاءِ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري سنڌ جي تعليم کي بچايو وڃي، سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ بهتر اپاءُ ورتا وڃن.